پروانو سيوهاڻي

پروانو سيوهاڻي: نوجوان ليکڪ پرواني سيوهاڻيءَ جو اصل نالو منظور علي سومرو ولد گل محمد سومرو آهي. سندس پيدائش 21 جولاءِ 1963ع تي سيوهڻ ۾ ٿي. پرواني سيوهاڻيءَ پنهنجون ادبي سرگرميون شاعريءَ سان شروع ڪيون، هن غزل، گيت، قطعي ۽ وائيءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي.
ٻاراڻي ادب لاءِ تمام گهڻو لکيو آهي. هي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان 1975ع ۾ استاد بخاريءَ جي تجويز تي ”سرهاڻ پبليڪيشن“ قائم ڪري، ٻارن جا 100 کن ڪتاب ڇپائي چڪو آهي، جن ۾ 9 سندس ذاتي ڪتاب شامـل آهن. انهـن ۾: (1) ٽيـاسـيءَ جا ٽـي ناٽڪ، (2) پکـيــن جي ديـس ۾، (3) ڌرتيءَ جو تارو (ناٽڪ)، (4) تماشو (ڪهاڻيون)، (5) هل ته هلون چنڊ تي (سائنسي ناول)، (6) اڏام (ڪهاڻيون)، (7) خير و خيالي (ڪهاڻيون)، (8) انڌي فقيرياڻي (ڪهاڻي)، (9) چنڊ ۽ چڪور (ڪهاڻيون)، (10) ٻارن جا گيت (شاعري) ۽ (11) منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ (آتم ڪٿا) شامل آهن. سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”اڏام“ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سال 2001ع ۾ ٻاراڻي ادب جو بهترين ڪتاب قرار ڏئي انعام ڏنو هو.
ان کان سواءِ هن ”سرهاڻ پبليڪيشن“ طرفان ٻارن جي رسالي ”سرهاڻ“جا 60 کان مٿي پرچا ڪڍيا آهن. هن رسالي جو ايڊيٽر به پروانو سيوهاڻي پاڻ رهيو آهي ۽ 1989ع کان وقت به وقت شايع ٿيندو رهي ٿو. سيوهاڻي سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ جو ميمبر به آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ، روشن تارا اسڪول، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. پرواني سيوهاڻيءَ جي ڪتابي سلسلن ۽ ’سرهاڻ‘ رسالي کان اتساهه وٺي، ٻارن جا ڪيترا ليکڪ پيدا ٿيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پرواني سيوهاڻيءَ جون خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن.


لفظ پروانو سيوهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.07.21  عيسوي

نوجوان ليکڪ پرواني سيوهاڻيءَ جو اصل نالو منظور علي سومرو ولد گل محمد سومرو آهي. سندس جنم21 جولاءِ 1963ع تي سيوهڻ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
اقرا عزيز
ڀڳت کيمچند
ڀَرَتُ
پاٽائي مخدوم عباس
سراج الدين شاهه
اياز گاد
شڪيل
سيد شبير احمد شاهه
پرويز احمد کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون